ادا سائين

ادا سائين

ادا سائين

ادا سائين: نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد پاران سنڌيءَ ۾ ٻارن جو هيءُ ماهوار رسالو ”ادا سائينڊسمبر 2006ع ۾ حيدرآباد مان ڊيمي سائيز ۾شايع ڪيو ويو. هن رسالي جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين نواز علي ڀٽو ۽ چيف ايڊيٽر محمد وسيم خان ۽ ايڊيٽر خالد آزاد ٿي رهيا، جڏهن ته قربان شيخ ۽ روپلو جويو اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. هيءَ رسالو پنهنجي دؤر ۾، ٻارن جو معياري ۽ سڀ کان وڌيڪ شايع ٿيندڙ رسالو رهيو آهي. هن رسالي ۾ نوجوان ليکڪن کان سواءِ معروف ليکڪ ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل، نصيرمرزا، علي دوست عاجز ۽ ٻيا مستقل لکندا رهيا آهن. هن رسالي ۾ ٻارن جي ڪهاڻين، شعرن ۽ مضمونن سميت مستقل سلسلا، جهڙوڪ: ڪتابن سان ڳالهيون، خبرون چارون، ٻالڪ ڊائري، پروفائيل ۽ سڀ رنگ وغيره شايع ٿيندا رهيا آهن. 80 صفحن تي مشتمل هي رسالو 2010ع تائين جاري رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو